حُسين بخش عرف حَسڻي خان

حُسين بخش عرف حَسڻي خان: استاد حُسين بخش عرف حَسڻي خان جو جنم 1838ع ۾ جيسلمير ۾ ٿيو. هي استاد هوٿي خان نگارچيءَ جو فرزند هو. هن جي اُستاديءَ جو سلسلو بمبئي ڀينڊي بازار وارن فنڪارن سان هو. سندس تعليم جي سرپرستي اُستاد خير محمد خان نگارچيءَ ڪئي. شروعاتي موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اُستاد حسين بخش، موسيقيءَ جي وڌيڪ سکيا وٺڻ لاءِ بمبئيءَ ويو، جتي پنهنجي فن کي مڃرائي، سنڌي موسيقيءَ جو مان مٿانهون ڪيائين. استاد حسين بخش، خانصاحب بڙي غلام علي خان، بابا امير خان، بابا عاشق علي خان، جيوڻي ٻائي، اُستاد خيرمحمد ۽ خاص ڪري عبدالڪريم خان ڪراني وارن سان سنگت ڪئي، اُهو دؤر سندس جوانيءَ جو دؤر هو. سندس شاگردن مان، موسيقار امداد حُسين، ماسٽر فيروز گل، استاد غفور خان ۽ ٻيا ڪيترا مشهور ٿي گذريا آهن.


لفظ حُسين بخش عرف حَسڻي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو